چندڻ ڳوهه

چندڻ ڳوهه: هي ٿر ۽ لاڙ ۾ ٿيندڙ هڪ قسم جو سرڻو جيت آهي، جيڪو ’ڳوهه‘ جي قسم ۾ شمار ٿئي ٿو. ٿر ۾ پيرن وارن جيتن مان چندڻ ڳوهه عام ۽ مشهور آهي. هيءَ ڏيڍ فٽ ڊگھي ٿيندي آهي، ننڍڙن دڙن جي اڀ ڪپرن پاسن ۽ ٻُٿن وٽ نرم زمين ۽ ٻر کوٽي رهندي آهي. ڪنڊن وارن لوڙهن ۾ به رهندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن زبان ٻاهر ڪڍي لِٻرڪا ڪندي آهي. هن جي پيرن جي چنبن ۾ سخت ننهن ٿيندا آهن، جنهنڪري ڀتين تي به چڙهيو وڃي. هيءَ ڏيڏر، گونگهيون، گھرٽيون، ننڍا جيت ۽ جھرڪين جا آنا ۽ ٻچا کائيندي آهي. هن کي ڪي جوڳي ۽ ڪولهي کائيندا به آهن ۽ سندس کل ٻاهرين ملڪن ۾ وڪري لاءِ به موڪلي ويندي آهي.


لفظ چندڻ ڳوههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو